شاهه بهارو

شاهه بهارو: شاهه بهارو، ذات جو جنجهڻ هو. شيخ صادق علي موجب ’جنجهڻ‘ اصل ۾ سماٽ برادريءَ جو حصو آهن. هي خاندان ابتدا کان ڪلهوڙا حڪومت سان لاڳاپيل رهيو. ابتدا ۾ مقصودو فقير نامور امير ٿي گذريو، جو شاهه بهاري جو وڏو ڀاءُ هو. عام راءِ آهي ته شاهه بهاري ڪلهوڙن پاران اسي کان وڌيڪ لڙاين ۾ حصو ورتو ۽ هر جنگ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1144هه/ 1731ع ۾ قلات جي والي عبدالله خان سنڌ جي خلاف لشڪرڪشي ڪئي. ان جنگ ۾ ميان نور محمد پاران شاهه بهاري لشڪر جي ڪمان سنڀالي. هن خونريز جنگ ۾ عبدالله خان مارجي ويو ۽ سنڌ جو لشڪر سرخرو ٿيو. سال 1159هه/ 1746ع ۾ ڪانجي ڪوٽ جي مهم ۾ به شاهه بهارو لشڪر جو مهندار ٿيو. هن مهم ۾ به سنڌ جو هي سپوت ڪامياب ٿيو. پاڻ ڪلهوڙن پاران چانڊڪا پرڳڻي جو ناظم رهيو. اتي رهندي سنڌ- بلوچستان سرحدن تي نظرداري ڪيائين. هن پرڳڻي ۾ عوامي فلاح خاطر کوهه، واهه ۽ ٻيا تعميري ڪم ڪرائي نالو پيدا ڪيائين. سنڌ جي بچاءَ خاطر ڳچ تعداد ۾ ڪوٽ ۽ قلعا به ٺهرايائين. محمد مرادياب خان ۽ ميان غلام شاهه خان وچ ۾ اقتدار جي ويڙهه شروع ٿي (1170هه/ 1757ع) ته، شاهه بهاري ان معاملي ۾ ميان غلام شاهه جي مدد ڪئي. سندس ڀاءُ مقصودو فقير، ڀاءُ جي ابتڙ محمد مرادياب ڪلهوڙي جي مدد ڪري رهيو هو، جو بعد ۾ وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو. هن واقعي کان پوءِ شاهه بهاري جو ڪو ڪردار نه ٿو ڏسجي. غلام رسول مهر موجب ڪلهوڙن جو هي وفادار سپهه سالار 1148هه/ 1736ع ۾ فوت ٿي ويو. (تاريخ ڪلهوڙا، جلد ٻيو، ص 838). قانع جي لکت آهي ته هو 1170هه/ 1757ع تائين سرگرم هو. ان جو مطلب ته ان سال کان پوءِ شاهه بهارو، هن فاني جهان مان رخصت ٿيو. سنڌ جي هن سورهيه سپهه سالار جي مزار تي، هينري ڪزنس موجب 1188هه/ 1774ع ۾ مقبرو تعمير ڪيو ويو. هي مقبرو ميان غلام شاهه جي حڪم سان تعمير ٿيو. مقبري جي اڏاوت جي خاص خوبي ڪاٺ جي اڪر سان ٺهيل بهترين دروازو ۽ مقبري جي مٿان عمدو شمعدان آهي. اهڙو وڌيڪ شمعدان صرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري تي موجود آهي. (سنڌ جا قديم آثار، انگريزي، ص 159- 160) حقيقت ۾ مقبري جي تعمير واري سال ۾، ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم هو. البت ائين ٿي سگهي ٿو ته، غلام شاهه جي حڪم تي مقبري جي اڏاوت شروع ٿي هجي ۽ ڪم جو پورائو ميان سرفراز جي دور ۾ ٿيو. هن وقت مقبرو زبون ٿي چڪو آهي. ڪنهن به وقت اهو ڊهي ڍير ٿي سگهي ٿو.


لفظ شاهه بهاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو